ھڪ اھڙي ڪھاڻي جنهن ۾ جمن جي شرارت جي ڪري ھڪ طوطي جو ٻچو وڻ تان ڪِري پوي ٿو۽ ٻيا طوطا جمن تي ٺونگن سان حملو ڪن ٿا ايتري ۾ مالھي اچي وڃي ٿو مالھي جمن کي ڇا چيو ھوندو؟
ھڪ اھڙي ڪھاڻي جنھن ۾ سالار چاڪليٽ کا ئي ڏند صاف ڪرڻ بدران سستي ڪري سمھي پوي ٿو ڏندن ۾ سور پوڻ تي رڙيون ڪري ٿو ماءُ کيس ڊاڪٽر ڏانھن وٺي وڃي ٿي ڊاڪٽر ، سالار جا ڏند ڏسي ڇا چيو ھوندو؟
ھڪ اھڙو بيت جنهن ۾ مختلف ڀاڄين بابت ٻڌايو ويو آھي ته انهن جي بناوت رنگ ۽ انهن جو سواد ڪيئن آهي بيت ۾ ڪھڙين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر ھوندو؟
ھڪ اھڙو بيت جنهن ۾ مختلف راندين بابت ۽ ان جي اھميت جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي بيت ۾ ڪھڙين ڪھڙين راندين جو ذڪر ھوندو؟
جھونگاريندڙ مڇين جي ڪھاڻي جيڪي تلاء ۾ روز پنهنجي آواز سان ماحول کي جھونگاري ڇڏين ٿيون پر پاڻي گدلي ٿيڻ جي ڪري مڇيون باغ کان رٺل نظر اچن ٿيون ڇا جھونگاريندڙ مڇين جو مڌر آواز ٻيھر ماحول کي جھونگاريندو؟
ھڪ اھڙي ڪھاڻي جنهن جي ذريعي سنڌ جي قديم ثقافت کي اجاڳر ڪيو ويو آهي ڪھاڻي ۾ مومل اجرڪ جي رنگن بابت سارنگ کان پڇي ٿي مومل ۽ سارنگ اجرڪ جي ڪاريگر وٽ ويندا؟
By navigating this website, you agree to the storing of cookies on your device to enhance site navigation and analyze site usage.