Easy words, word repetition, less than 250 words
32 books
ھن ڪھاڻي ۾ محترمہ فاطمہ جناح جي زندگي بابت ٻڌايو ويو آهي ھن جو آزادي ۾ ڪردار ۽ پنهنجي ڀاء سان آزادي جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ کي ساراھيو ويو آهي ڇا ڪھاڻي ۾ محترمہ جي لکيل ڪتاب جو ذڪر ھوندو؟
ھن ڪھاڻي ۾ آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ ڪردارن کي ساراھيو ويو آهي انهن جا ويس پائي ملي نغما ڳائي آزادي جو ڏينهن ملھايو ويو آهي ڪھاڻي ۾ ڪھڙين ڪھڙين ڪردارن جو ذڪر ھوندو؟
ھن بيت ۾ ملڪ جي وڏن شھرن ۽ ان ۾ موجود مشهور ماڳن بابت ٻڌايو ويو آهي ملڪ جي ڪھڙن مشهور ماڳن جو ذڪر ھوندو؟
ھڪ اھڙو بيت جنهن ۾ مختلف راندين بابت ۽ ان جي اھميت جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي بيت ۾ ڪھڙين ڪھڙين راندين جو ذڪر ھوندو؟
ھڪ اھڙي ڪھاڻي جنهن جي ذريعي سنڌ جي قديم ثقافت کي اجاڳر ڪيو ويو آهي ڪھاڻي ۾ مومل اجرڪ جي رنگن بابت سارنگ کان پڇي ٿي مومل ۽ سارنگ اجرڪ جي ڪاريگر وٽ ويندا؟
ھڪ اھڙو بيت جنهن ۾ مختلف ڌنڌن ۽ ان جي ڪمن کي اجاڳر ڪيو ويو آھي بيت ۾ ڪھڙن ڪھڙن ڌنڌن جو ذڪرھوندو؟
ھڪ اھڙي ڪھاڻي جنهن ۾ ڪپڙي جي ٿيلھي کي ماحول دوست ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلھي کي ماحول دشمن قرار ڏنو ويو آهي ڇا توهان به ڪپڙي جي ٿيلھي جو استعمال ڪندؤ؟
جھونگاريندڙ مڇين جي ڪھاڻي جيڪي تلاء ۾ روز پنهنجي آواز سان ماحول کي جھونگاري ڇڏين ٿيون پر پاڻي گدلي ٿيڻ جي ڪري مڇيون باغ کان رٺل نظر اچن ٿيون ڇا جھونگاريندڙ مڇين جو مڌر آواز ٻيھر ماحول کي جھونگاريندو؟
ھن بيت ۾ پنهنجو خيال ڪرڻ بابت ٻڌايو ويو آھي تہ ڪيئن رستو پار ڪرڻ مھل ۽ بجلي تار کان پاڻ کي محفوظ رکجي ڇا توهان بہ پنهنجو خيال رکندؤ؟
هيءَ ڪھاڻي ھڪ اھڙي سھي جي باري ۾ آھي جيڪو پنھنجي گڏيء جي شادي تي مھمانن جو کاڌو تيار ڪرڻ لاء پلاسٽڪ جي ديڳڙي باھ تي رکي ٿوڇا گوشي باھ ۾ سڙڻ کان بچي ويندو؟ ۔
هيءَ مڇرن جي گڏجاڻي بابت ڪھاڻي آھي جنهن ۾ اھو تئه ٿيندو آھي ته ھاڻ ڳوٺاڻن جو رت اسين وڌيڪ چوسينداسين ڇا ڳوٺاڻا مڇرن جي رت چوسڻ کان بچي ويندا؟
ھڪ اھڙو بيت جنهن ۾ مختلف ڀاڄين بابت ٻڌايو ويو آھي ته انهن جي بناوت رنگ ۽ انهن جو سواد ڪيئن آهي بيت ۾ ڪھڙين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر ھوندو؟
By navigating this website, you agree to the storing of cookies on your device to enhance site navigation and analyze site usage.