هيءَ ڪھاڻي صفائيءَ جي هفتي جي باري ۾ آهي۔ ٻار صفائي جو ھفتو ملھائيندي گڏجي گهٽي جي صفائي ڪن ٿا ڇا ٻارن گھر جي دروازن ٻاھران ۽ اسڪول ۾ ڪچري جا دٻا رکيا ھوندا؟
هيءَ ڪھاڻي سستي ۽ چستي جي باري ۾ آهي ديپڪ ۽ ديپا پاڻ ۾ ڀاءَ ڀيڻ آهن ديپا اڪثر ڪري اسڪول وڃڻ ۾ سستي ڪندي هئي ديپا چست رهڻ لاء ڇا ڪيو ھوندو؟
هيءَ ڪهاڻي ريحان جي آهي. جيڪو دوستن ۽ رانديڪن سان راند روند ڇڏي، پنهنجي نئين ٽيبلٽ ۾ مصروف ٿي ويو هو. پوءِ هڪ ڏينهن سندس رانديڪا ناراض ٿي ويا. ڇا ريحان انهن کي پرچائي سگهندو؟
ھڪ ڇوڪري جي ڪھاڻي جيڪو چنڊ، تارو، پکي ۽ جھازھجڻ جي خواھش ڪري ٿو ڇا ھو چنڊ، ستارو، ،پکي ۽ جھاز ٿي ويندو؟
ھيءَ ڪھاڻي بڙ جي وڻ بابت آھي بڙ جي وڻ جي ڇانؤ گھاٽي ٿيندي آھي بڙ جي وڻ جي عمر سؤ سال کان مٿي ٿيندي آھي ڪھاڻي ۾ ھڪ ڳوٺاڻو بڙ جو وڻ وڍڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ڇا ڳوٺاڻو بڙ جو وڻ وڍيندو؟
مان سارنگ آهيان. هيءَ ڪهاڻي منهنجي ۽ منهنجي ڀيڻ آسيه جي آهي. امان، بابا اسان جي بهترين نموني تربيت ڪري رهيا آهن. هن ۾ توهان کي ان جو نمونو ملندو.
By navigating this website, you agree to the storing of cookies on your device to enhance site navigation and analyze site usage.